Privacy Policy Cookie Policy Terms and Conditions صفحا ڪيئن ترميميو - Wikipedia

صفحا ڪيئن ترميميو

Wikipedia طرفان

Contents

تعارف

وڪيپيڊيا ھڪ کُليل ڄاڻَ چيڪلو آھي. اھو سڀني تي کُليل آھي ۽ انَ ۾ ھرڪو واڌارا ۽ سڌارا آڻي سگھي ٿو. ويندي اھو بھ جيڪو سائين اِن نھ ٿو ٿي يا پنھنجو کاتو نھ ٿو کولي. پر اسان ئي خوشي ٿيندي جيڪڏھن اوھان پنھنجو کاتو کولِيندا ۽ سائِينِ اِنِ ٿِي ڪم ڪندا تھ جيئن اسان توھان بابت ڪجھھ ڄاڻي سگھون. ڪنھن بھ صفحي ۾ تبديلي ڪرڻ لاءِ صفحي تي موجود ”ايڊٽ‟ نالي چُٽڪِيءَ تي ڪلڪ ڪندا. تنھن کان پوءِ اوھان تبديلي ڪري سگھندا. گھربل تبديلي ڪرڻ بعد بھتر آھي تبديلين کي تڪڙ ۾ محفوظ يا سيوِ نھ ڪندا. محفوظ ڪرڻ کان پھرين ھڪ ڀيرو ”شو پِرويُو‟ کي ڪلڪ ڪري جائزو وٺي ڏسندا تھ جيڪا تبديلي اوھان چاھيو ٿا اھا صحيح نموني ٿِي بھ آھي يا نھ؟ اوھان سڀني صفحن ۾ تبدليون ڪري سگھو ٿا سواءِ چند صفحن جي، جيڪي منتظمين طرفان ”محفوظ‟ يا پروٽيڪٽ ٿيل آھن. اھڙن صفحن ۾ اوھان کي ”ايڊٽ‟ واري چُٽڪِي نظر نھ اِيندي.

وڪيپيڊيا تي ڪو نئون عنوان لکجي ته پنهنجو نالوڏيڻ جي ڪيتري ضرورت آهي يا نالو ڏجي يا نه ڏجي؟

نالو رکڻ جي ضرورتَ بلڪل بھ ڪانھي. ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن توھان سائِينِ اِن ٿِي ڪجھھ بھ ڀاڱيداريندا (ڪنٽريبيوٽ ڪندا) تھ ازخود اوھان جي اھڙي ڀاڱيداري ھميشھ جي لاءِ اوھان جي نالي ٿِِي ويندي. اھڙو رڪارڊ ھميشھ لاءِ درج ٿي وڃي ٿو. مُک صفحي تي ماءِ ڪنٽريبيوشنس نالي ھڪ ڳنڍڻو آھي. ٿورو ان کي ڪلڪ ڪري ڏسندا. اوھان جيڪو ڪم ڪيو آھي اھو اوھان جي سامھون اچي ويندو. اڄ جيڪو صفحو توھان تخليق ڪريو ٿا، اھو در حقيقت سڀني تي کُليل آھي. مطلب تھ ان ۾ سڀاڻي ڪو بھ ٻيو اچي تبديلي بھ ڪري سگھي ٿو تھ ان ۾ واڌارا بھ ڪري سگھي ٿو. ان ڪري ھر ڪنھن کي پنھنجو نالو اتي لکڻ جي ضرورت ڪانھي. بلڪھ اھڙو رڪارڊ خود بھ خود درج ٿي وڃي ٿو.

وڪيپڊيا تي ڪنهن عنوان بابت وڌيڪ ڄاڻ هجي ته سابقه لکت کي ايئن رهڻ ڏجي ۽ پنهجي معلومات انجي هيٺيان لکجي يا انکي ڊاهي انجي جاءِ تي پنهنجو ليک لکجي؟

جيڪڏھن موجودھ ليک جي ڪنھن بھ حصي، جزليک (پيراگراف) يا عبارت يا حصي ۾ واڌارو ڪرڻو آھي تھ بلاشڪ ڪري ڇڏيو. بنا دير ۽ بنا ڪنھن جھجھڪ جي. پر جيڪڏھن اڳي ئي لکيل جملي، حصي يا پيراگراف جي مقصد سان متفق نھ آھيو ۽ ان کي مٽائڻ گھرو ٿا يا ٿوري گھڻي تبديلي ڪرڻ گھرو ٿا، يا ڪنھن انگ، تعداد يا سن وغيرھ سان اختلاف رکو ٿا ۽ ان کي تبديل ڪرڻ گھرو ٿا تھ ان لاءِ ضروري آھي تھ اوھان اھڙي تبديلي ڪرڻ کان اڳ ان تي بحث ڪندا. ان لاءِ توھان کي اھڙي صفحي جي ٽاڪ پيج يعني تھ ڊسڪشن واري صفحي تي پنھنجو موقف لکڻو پوندو ۽ دليل ڏيڻا پوندا. دليلن ۾ ٿي سگھي تھ ڪي پڪا ۽ مستند حوالا ڏيندا. جيڪڏھن ھڪ ھفتي تائين توھان جي ڳالھھ جو ڪير بھ جواب نھ ٿو ڏي يا ڪير بھ توھان جي موقف سان اختلاف نھ ٿو رکي تھ توھان گھربل تبديلي ڪري ڇڏيندا.
توھان جي اطلاع لاءِ عرض آھي تھ صرف چند صفحا اھڙا آھن، جن ۾ توھان جي لاءِ تبديلي ڪرڻ ممڪن نھ آھي. ڇاڪاڻ تھ اھي ”پروٽيڪٽيڊ‟ آھن. انھن کي ايڊمنسٽريٽر طرفان پروٽيڪٽ ڪيو ويو آھي. جيڪڏھن اھڙي ڪنھن صفحي ۾ تبديلي چاھيو ٿا تھ اھڙي صفحي جي ڊسڪشن يا ٽاڪ پيج تي اھڙي تبديليءَ جي خواھش جو اظھار ڪندا. جيڪڏھن ايڊمنسٽريٽر مناسب سمجھندو تھ اھڙي تبديلي ڪري ڇڏيندو يا وري ڪجھھ وقت لاءِ ان صفحي کي غير پروٽيڪٽ ڪري ڇڏيندو تھ جيئن توھان ان ۾ گھربل تبديلي ڪري سگھو.

وڪيپيڊيا تي ٽيڪسٽ کي لنڪ ڪيئن ڪجي ۽ پڻ اهو لنڪ وڪيپيڊيا تائين محدود آهي يا ڪنهن به سائِيٽ جو رکي سگھجي ٿو؟

ھن صفحي تي ئي سنڌي وڪشنريءَ جو ڳنڍڻو توھان ڏسي سگھو ٿا. جيڪڏھن اوھان ھن صفحي تي موجود ”ايڊٽ‟ نالي چُٽڪيءَ کي ڪلڪ ڪندا تھ توھان ڏسي سگھندا تھ ڪھڙيءَ ريت سنڌي وڪشنريءَ جو خارجي ڳنڍڻو يعني تھ ايڪسٽرنل لنڪ رکيو ويو آھي. خارجي ڳنڍڻو ھميشھ ٻن چورس ڏنگين ۾ رکبو آھي. جڏھن تھ وڪيپيڊيا ۾ ئي موجود ڪنھن ٻي صفحي جو ڳنڍڻو رکڻو ھجي تھ ان کي چئن چورس ڏنگين ۾ رکبو آھي. مثال طور، ڏور ربطيات توھان کي ”ڏور ربطيات‟ جي صفحي تي وٺي ويندو. جيڪڏھن اوھان چاھيو ٿا تھ اسڪرين تي ڪجھھ ٻيو نظر اچي ۽ صفحي جو نالو (جنھن جو ڳنڍڻو اوھان رکڻ گھرو ٿا) ڪجھھ ٻيو ھجي تھ اھو بھ ممڪن آھي.
مثال طور، الف اوھان کي اسڪرين تي ”الف‟ ڏيکاريندو، پر ڪلڪ ڪرڻ سان توھان کي ”بي‟ تي وٺي ويندو. ان کان پوءِ بھ جيڪڏھن اوھان کي ڪا مشڪل ھجي تھ بلاشڪ وڪيپيڊيا يا سنڌي وڪشنريءَ تي موجود ڪنھن بھ دوست تي ٽاڪ پيج تي سوال رکندا تھ اوھان کي مثبت موٽ ملندي. ان کان سواءِ جيڪڏھن توھان وڪيپيڊيا يا وڪشنريءَ تي اڳي ئي موجود ڪيترن ئي صفحن تي نظر وجھي ڏسندا. ھر صفحي جي ايڊٽ ۾ وڃي ڏسندا تھ اندر ڳنڍڻا ۽ تصويرون ڪيئن رکيل آھن.

مضمون ۾ تصوير ڪيئن رکجي ۽ انجي سائيز ڇا هجي؟

تصوير جي سائيز ڪھڙي بھ ھجي. ڪا پرواھھ نھ آھي. خيال رکجَو تھ تصوير JPG ھجي يا GIF ھجي. وڪشنريءَ تي طوطو گھمي ڏسندا تھ طوطي جون ٽي تصويرون ڪيئن رکيون ويون آھن. پر انٽرنيٽ تان ڪا بھ تصوير کڻي رکي ڇڏڻ کان پاسو ڪندا. جيڪڏھن انٽرنيٽ تا ڪا اھڙي تصوير موجود آھي جيڪا اوھان رکڻ چاھيو ٿا تھ مھرباني ڪري ان سائيٽ تي موجود ڏنل رابطي تي ھڪ برق نياپو يعني اي ميل اماڻي اھا تصوير رکڻ جي اجازت طلب ڪندا. جيڪڏھن اجازت ملي وڃي تھ بلاشڪ اھڙي تصوير رکي ڇڏيندا.

ڪتابن ۾ گھڻئي علم موجود آهي ڇا انهن مان مواد جا ڪجهه حصا جيئن جو تيئن هتي رکي سگھجن ٿا يا اهو به ڪاپي رائٽ جو معاملو آهي؟

سڀني ليکڪن ۽ اشاعتاڻن جي حقن ۽ واسطن جو احترام ڪرڻ اسان جو فرض آھي. ان ڪري ڪو بھ مواد يا تصوير رکڻ کان اڳ متعلقھ افراد کان اجازت طلب ڪندا ۽ اجازت ملڻ بعد ئي اھڙو مواد وڪيپيڊيا يا وڪشنريءَ تي رکندا. نھ تھ ٻي صورت ۾ وڪشنري يا وڪيپيڊيا جي ٽيم تي قانوني ڪارروائي ٿي سگھي ٿي ۽ نتيجي ۾ سنڌي صفحا بند ٿي سگھن ٿا. ھونءَ بھ سنڌي ٻوليءَ جا دشمنَ چوطرف پکڙيل آھن.

Static Wikipedia 2006 (no images)

aa - ab - af - ak - als - am - an - ang - ar - arc - as - ast - av - ay - az - ba - bar - bat_smg - bcl - be - be_x_old - bg - bh - bi - bm - bn - bo - bpy - br - bs - bug - bxr -
 
ca - cbk_zam - cdo - ce - ceb - ch - cho - chr - chy - co - cr - crh - cs - csb - cu - cv - cy - da - de - diq - dsb - dv - dz - ee - el - eml - en - eo - es - et - eu - ext -
fa - ff - fi - fiu_vro - fj - fo - fr - frp - fur - fy - ga - gan - gd - gl - glk - gn - got - gu - gv - ha - hak - haw - he - hi - hif - ho - hr - hsb - ht - hu - hy - hz -
 
ia - id - ie - ig - ii - ik - ilo - io - is - it - iu - ja - jbo - jv - ka - kaa - kab - kg - ki - kj - kk - kl - km - kn - ko - kr - ks - ksh - ku - kv - kw - ky -
la - lad - lb - lbe - lg - li - lij - lmo - ln - lo - lt - lv - map_bms - mdf - mg - mh - mi - mk - ml - mn - mo - mr - mt - mus - my - myv - mzn -
 
na - nah - nap - nds - nds_nl - ne - new - ng - nl - nn - no - nov - nrm - nv - ny - oc - om - or - os - pa - pag - pam - pap - pdc - pi - pih - pl - pms - ps - pt -
qu - quality - rm - rmy - rn - ro - roa_rup - roa_tara - ru - rw - sa - sah - sc - scn - sco - sd - se - sg - sh - si - simple - sk - sl - sm - sn - so - sr - srn - ss - st - stq - su - sv - sw - szl -
 
ta - te - tet - tg - th - ti - tk - tl - tlh - tn - to - tpi - tr - ts - tt - tum - tw - ty - udm - ug - uk - ur - uz - ve - vec - vi - vls - vo - wa - war - wo - wuu - xal - xh -
yi - yo - za - zea - zh - zh_classical - zh_min_nan - zh_yue - zu -

Static Wikipedia 2008 (no images)

aa - ab - af - ak - als - am - an - ang - ar - arc - as - ast - av - ay - az - ba - bar - bat_smg - bcl - be - be_x_old - bg - bh - bi - bm - bn - bo - bpy - br - bs - bug - bxr - ca - cbk_zam - cdo - ce - ceb - ch - cho - chr - chy - co - cr - crh - cs - csb - cu - cv - cy - da - de - diq - dsb - dv - dz - ee - el - eml - en - eo - es - et - eu - ext - fa - ff - fi - fiu_vro - fj - fo - fr - frp - fur - fy - ga - gan - gd - gl - glk - gn - got - gu - gv - ha - hak - haw - he - hi - hif - ho - hr - hsb - ht - hu - hy - hz - ia - id - ie - ig - ii - ik - ilo - io - is - it - iu - ja - jbo - jv - ka - kaa - kab - kg - ki - kj - kk - kl - km - kn - ko - kr - ks - ksh - ku - kv - kw - ky - la - lad - lb - lbe - lg - li - lij - lmo - ln - lo - lt - lv - map_bms - mdf - mg - mh - mi - mk - ml - mn - mo - mr - mt - mus - my - myv - mzn - na - nah - nap - nds - nds_nl - ne - new - ng - nl - nn - no - nov - nrm - nv - ny - oc - om - or - os - pa - pag - pam - pap - pdc - pi - pih - pl - pms - ps - pt - qu - quality - rm - rmy - rn - ro - roa_rup - roa_tara - ru - rw - sa - sah - sc - scn - sco - sd - se - sg - sh - si - simple - sk - sl - sm - sn - so - sr - srn - ss - st - stq - su - sv - sw - szl - ta - te - tet - tg - th - ti - tk - tl - tlh - tn - to - tpi - tr - ts - tt - tum - tw - ty - udm - ug - uk - ur - uz - ve - vec - vi - vls - vo - wa - war - wo - wuu - xal - xh - yi - yo - za - zea - zh - zh_classical - zh_min_nan - zh_yue - zu -